رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست

رسالو سچل سرمست: هيءُ رسالو سنڌ جي نامياري صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي سنڌي ڪلام تي مشتمل آهي، جيڪو نامور اديب ۽ عالم عثمان علي انصاريءَ مرتب ڪيو آهي. رسالي ۾ عثمان علي انصاريءَ ’عرض حال‘ جي عنوان سان رسالي جي تياريءَ بابت جامع تفصيل ڏنو آهي. رسالي جو مقدمو مرتب جو لکيل آهي. رسالي ۾ ’حقيقة الوجود‘ ۽ ’وحدة الشهود‘ جي عنوانن سان عثمان علي انصاريءَ، سچل سرمست جي مڪتبه فڪر جي ضخيم سمجهاڻي ڏني آهي. رسالي جي شروعات ’وحدت‘ نالي سان ٿئي ٿي. رسالي ۾ ڪل نو سر ۽ آخر ۾ متفرقه بيت ۽ ڪافيون ڏنل آهن. پهريون سُر ’وحدت‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ٻه داستان آهن. ٻيو سُر ’حقيقت‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ٻه داستان آهن. ٽيون سُر ’سسئيءَ‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ يارهن داستان آهن ۽ آخر ۾ هڪ جھولڻو آهي، چوٿون سُر ’نوريءَ‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ چار داستان آهن. پنجون سُر ’مارئيءَ‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ست داستان آهن، ڇهون سُر ’مومل راڻي‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ٻه داستان ۽ آخر ۾ جھولڻو آهي. ستون سُر ’پورب‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ هڪ ئي داستان آهي، اٺون سُر ’سارنگ‘ ۽ نائون ’هير رانجھي‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ٽي داستان ۽ آخر ۾ جھولڻو آهي ۽ ڏهون سُرجوڳ مالڪوس‘ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ست داستان آهن. سُرن جي آخر ۾ متفرقه ڪلام ۾ روجھن بابت هندي بيتن کانسواءِ دوها، هدايتون ۽ ڪافيون پڻ شامل آهن. رسالي جي آخر ۾ 168 ڪافيون ڏنل آهن. رسالي جي مهڙ ۾ رسالي جي ترتيب ۾ رهنمائي ڪرڻ تي ناشر پاران پير حسام الدين راشديءَ ۽ آغا غلام نبيءَ جا ٿورا مڃيا آهن. عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل هن رسالي جا ٽي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ٽيون ڇاپو گل محمد تنيي سنواريو آهي، جنهن ۾ هو ’منهنجي قلم مان‘ عنوان سان لکي ٿو ته: ”عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ مون کي پنهنجي ناقص ڄاڻ آهر جيڪي ڇپائيءَ جون غلطيون ۽ ترتيب جون اوڻايون نظر آيون، ان لاءِ مناسب ڄاتم ته هن نئين ڇاپي ۾ انهن جي نشاندهي ڪجي ته جيئن سچل جا عقيدتمند يا محقق، سچل جو ڪلام اڳيان رکن ته انهن اوڻاين کي پڻ نظر ۾ رکن يا ان تي قلم کڻن. مون ڏينهن رات هڪ ڪري رسالي جي هڪ هڪ ڪافيءَ کي مرزا علي قليءَ جي مرتب ڪيل رسالي سان ڀيٽي ڏٺو. اهو ڪم تمام ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ هو، پر سچ ۽ سچل جي همراهي هئي، جو اهو ڪم آسان ٿي پيو.“ رسالي جو هيءُ پهريون جلد 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو. پڪي جلد، ڊيمي سائيز جي 428 صفحن تي مشتمل هن رسالي جي قيمت 6 روپيا هئي. هن رسالي جو هڪ ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پڻ ڇپاريو آهي، جڏهن ته ان جو تازو ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي نئين ترتيب سان، سنڌي ادبي بورڊ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 385 روپيا آهي.


لفظ رسالو سچل سرمستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو